رانديون

ايشيا ڪپ: ڀارت وڃڻ جو فيصلو حڪومت ڪندي: سيٺي

ايشيا ڪپ جي ايونٽ ۾ گهٽ وقت رهڻ باوجود اڃا تائين ان جي تاريخن جو اعلان نھ ٿي سگهيو آهي، جنهن جو سبب ڀارت پاران پاڪستان نھ اچڻ ۽ نھ وري هائبرڊ ماڊل تي راضپو ڏيکارڻ ٻڌايو پيو وڃي، پر هاڻ اڳڀرائي اها آهي تھ سريلنڪا، بنگلاديش، نيپال ۽ افغانستان پاران هائبرڊ ماڊل تي رضامندي ڏيکارڻ بعد ڀارتي بورڊ جو سربراهه جئي شاهه پريشان ٿي ويو آهي، جنهن کي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي نائب صدر ملاقات ڪري نئين صورتحال کان بھ آگاهه ڪيو آهي. ذريعن دعوا ڪئي تھ ڀارت هائبرڊ ماڊل تي اڪيلو ٿيڻ لڳو آهي، جنهن بعد بي سي سي آئي پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪجهه اهم امڪاني شرطن رکي سگهي ٿو. پر پي سي بي ان حوالي سان حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. ذريعن موجب ايشيا ڪپ جي هائبرڊ ماڊل راضپي لاءِ بي سي سي آئي پاران ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي ڀارت اچڻ شرط رکندو، پر پي سي سي جي ذريعن جو چوڻ آهي تھ اهو شرط بنا جواز آهي ۽ ان جي ڪا حيثيت نھ هوندي.

پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي ۽ اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي

هوڏانهن اڳواڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو چوڻ آهي تھ ٽيم ڀارت وڃي، ٽرافي کٽي ڀارتي بورڊ کي چماٽ هڻي اچي، جيڪا بي سي سي جي وڏي شڪست هوندي. جڏهن تھ هڪٻئي اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق پڻ ساڳيو موقف رکندي چيو آهي تھ ٽيم وٽ ڀارت ۾ کيڏي ورلڊ ڪپ کٽڻ جو موقعو آهي، جيڪو وڃائڻ نھ گهرجي. ٻئي پاسي پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي پي سي بي سربراهه نجم سيٺي چيو آهي تھ پاڪستاني ٽيم جي ورلڊ ڪپ لاءِ ڀارت وڃڻ جو فيصلو شاهد آفريدي نھ ڪندو ۽ نھ وري جئي شاهه يا مان ڪنداسين، پر اهو فيصلو حڪومت ڪندي، ان چيو وڃو تھ هليا وينداسين، جي روڪيو ويو تھ نھ وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button