رانديون

هارون رشيد جي سربراهي ۾ نئين 4 رڪني سليڪشن ڪاميٽي قائم

پي سي بي نئين 4 رڪني قومي سليڪشن ڪاميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو سربراهه هارون رشيد هوندو. ميڊيا مطابق پي سي بي جي چيئرمين نجم سيٺي پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيڻ بعد نئين سيلڪشن ڪاميٽي جي نالن جو اعلان ڪندي چيو آهي تھ سليڪشن ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا ٽيم جي رانديگرن جي سليڪشن ڪندي. پي سي بي جي بيان موجب هارون رشيد جي سربراهي ۾ ڪاميٽي ۾ ڊائريڪٽر مڪي آرٿر، ڪوچ گرانٽ بريڊبرن ۽ ڊيٽا اينالسٽ حسن چيما کي کنيو ويو آهي. بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ، قومي ٽيم، انڊر 19 ٽيم جي سليڪشن جي ذميواري بھ نئين ڪاميٽي جي حوالي ڪئي وئي آهي. ياد رهي تھ پهريون ڀيرو ڊيٽا اينالسٽ سليڪشن ڪاميٽي ۾ کنيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button