رانديون

سنڌ جي اسد علي ميمڻ مائونٽ ايورسٽ فتح ڪري تاريخ لکي ڇڏي

سنڌ رهواسي نوجوان اسد علي ميمڻ 8 هزار 849 ميٽر اوچي دنيا جي بلند ترين جابلو چوٽي مائونٽ ايورسٽ فتح ڪري غيرمعمولي تاريخ لکي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي جي خانگي يونيورسٽي جي شاگرد اسد علي دنيا جي بلند ترين چوٽي کي فتح ڪري اعزاز ماڻيو آهي. جڏهن تھ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ نوجوان اسد علي مائونٽ ايورسٽ فتح ڪندڙ سنڌ جو پهريون نوجوان بھ بڻجي ويو آهي. ڪراچي جي خانگي يونيورسٽي ۾ بزنس مينيجمينٽ جي شاگرد اسد علي ميمڻ کي غيرمعمولي ڪارنامو سرانجام ڏيڻ تي خانگي يونيورسٽي پاران نھ رڳو مبارڪون ڏنيون ويون آهن، پر ان سان گڏ دعا ڪئي آهي تھ اسد علي سلامتي سان واپس اچي ۽ پنهنجي گهرڀاتين سان ملي. يونيورسٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي تھ اسد علي ميمڻ ماونٽ ايورسٽ فتح ڪندڙ فهرست جو حصو بڻجڻ سان گڏ سنڌ مان ڪيلو نوجوان آهي، جنهن مائونٽ ايورسٽ فتح ڪيو آهي. ان کان اڳ پاڪستان مان ساجد سدپارا ۽ نائلا ڪياني مائونٽ ايورسٽ فتح ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button