پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، شاگردياڻي فوت، 2 زخمي

سرهاڙي: سرهاڙي ۾ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب ستين ڪلاس جي شاگردياڻي فوت ٿي وئي، 2 ماڻهو زخمي ٿي پيا. سرھاڙي ۾ اسڪول کان موڪل ٿيڻ بعد گهر ويندي رورل ھيلٿ سينٽر اسپتال سامھون موٽرسائيڪل سوار شاگردن جو ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڪلاس جي شاگردياڻي 14 سالن جي سويرا ڌي ڄام خان زرداري فوت ٿي وئي، حادثي ۾ جواد زرداري ۽ مير مرتضى بروھي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال آندو ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته خانگي ايم صديق اسڪول ۾ پڙهندڙ اسڪول جا شاگرد موڪل وقت گهر وڃي رهيا هئا ته موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب شاگردياڻي سميت 3 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي ڊاڪٽر ڊيوٽي نه ھجڻ ڪري شاگردياڻي کي نوابشاھه ريفر ڪيو ويو، جتي شاگردياڻي سويرا ڌي ڄام خان زرداري دم ڏنو. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور رزاق بروهي کي گرفتار ڪري ٽريڪٽر ٽرالي کي تحويل ۾ ورتو آهي. حادثو ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر سبب پيش آيو، شاگردياڻي پنھنجي والدين جي اڪيلي نياڻي ھئي. نينگري جو لاش ڳوٺ عالم خان زرداري ڀرسان آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button