پاڪستانسنڌ

ٿر جي چونڊيل نمائندن حلف کڻي ورتو، هتي پاڻي وڏو مسئلو آهي:ڊي سي

مٺي: ٿرپارڪر ضلعي جي ڪل 64 يوسيز جي ضلعي ۽ جنرل ڪائونسلرن، چيئرمينن، نائب چيئرمينن، هڪ ميونسپل ڪميٽي مٺي ۽ 6 ٽائون ڪميٽين جي چونڊيل نمائندن پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو. مٺي جي درٻار هال ۾ ڊي سي ٿرپارڪر لعل ڏنو منگي ٿر جي ضلعي ڪائونسل لا چونڊيل 64 ضلعي ڪائونسلرن مان 61 ڪائونسلرن کي هڪ پروقار تقريب ڪوٺائي حلف کڻايو. جڏهن ته 3 ضلعي ڪائونسلر ارباب انعام الله، فقير فيض محمد عرف راجا بلالاڻي ۽ اڪبر علي غير حاضر هجڻ ڪري عهدي جو حلف کڻي نه سگهيا. تقريب ۾ نامزد ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، ارباب رضاالله، فدا حسين شاهه، عبدالغني کوسو، ميئن بجير، صوبدار قاسمي اوٺو ۽ ڪامريڊ سورو ڀيل سميت چونڊيل ڪائونسلرن توڙي سندن حامين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هوڏانهن ميونسپل ڪميٽي، ٽائون ڪميٽيز ۽ 64 يوسيز جي چونڊيل چيئرمينن، نائب چيئرمينن ۽ جنرل ڪائونسلرن کي سندن تعلقن جي هيڊ ڪوارٽرن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ڪلوئي، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر ۾ لاڳاپيل اي سيز تقريبون ڪوٺائي حلف کڻايو. پ پ پاران نامزد ڪيل ضلعي ڪائونسل، ميونسپل ۽ ٽائون ڪميٽيز تي نامزد اميدوار ريلين جي شڪل ۾ حلف کڻڻ پهتا، سندن حامين نعريبازي پڻ ڪئي. هوڏانهن تقريب کي ڊي آر او ۽ ڊي سي لعل ڏنو منگي خطاب ڪندي چيو ته ٿر ضلعي ۾ پاڻي جو مسئلو انتهائي اهم آهي، جنهن لاءِ هتي به ڪئنال سسٽم هجڻ گهرجي، مان سمجهان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه مقامي نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا جي گڏيل ڪوششن سان ئي ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي هن اميد ظاهر ڪئي ته ضلعي انتظاميا ۽ مڪاني ادارن جا نمائندا گڏجي عوام جي خدمت ڪندا ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو منفرد ڪردار ادا ڪندا. تقريبن ۾ اي ڊي سي سنجي ترڪيو، ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر محمد سليم دل، اي سي حميد مغل، اي سي اختر لاشاري ۽ ٻيا موجود هئا، جن ڌار ڌار تقريبن ۾ اميدوارن کان حلف کڻايو. ٻئي طرف حلف کڻائڻ وارين تقريبن ۾ پاڪ فوج سان اظھار يڪجهتي ڪئي وئي، سمورن ميمبرن کي سنڌي بدران اردو زبان ۾ حلف کڻايو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button