پاڪستانسنڌ

ڊاسوڙي ۾ نوجوان ٻي شادي نه ڪرائڻ تي خودڪشي ڪري ڇڏي

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاهھ ھڙي ويجهو ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ سومرو خان لنڊ ۾ مبينا طور نوجوان شادي نه ڪرائڻ تان آپگهات ڪري ڇڏيو. 35 سالن جي نوجوان قربان پٽ عرس لنڊ پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي. اطلاع تي ڊاسوڙي پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو، جتان لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي بابت علائقي ۾ اهي چوٻول آھن ته نوجوان اڳ ۾ پرڻيل هو، هن مائيٽن کي ٻي شادي ڪرائڻ جو چيو، شادي نه ڪرائڻ تان نوجوان پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيو. ان ڏس ۾ ڊاسوڙي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان ٻي شادي ڪرڻ ٿي چاهي، نه ڪرائڻ تان واقعو پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button