پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ ميمبر حلف ناما ڀري نه سگهيا، آڱوٺا به غلط هڻي ڇڏيا

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر تعلقي جي 10 يوسيز ۽ ھڪ ٽائون ڪميٽي جي بلدياتي اليڪشن ۾ چونڊيل چيئرمينن، ڪائونسلرن ۽ ميمبرن کي حلف کڻايو ويو. حلف برداري جي تقريب رٽرننگ آفيسر طرفان ٽائون ڪميٽي ننگرپارڪر ۾ ڪوٺائي وئي. ٽوٽل 63 اميدوارن مان 60 اميدوارن کي اسسٽنٽ ڪمشنر رٽرننگ آفيسر ارم ڪريم ناريجو حلف کڻايو، 3 ميمبر غير حاضر رھيا، حلف برداري تقريب ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان مختيارڪار ننگرپارڪر عبدالحق درس، ٽائون آفيسر گوپالداس ميمبر طور شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پي ٽي آئي اڳواڻ دلاور خان مالڪاڻي، صوبائي صلاحڪار ويرجي ڪولھي، مختلف پارٽين جي ورڪرن ۽ شھرين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي رٽرننگ آفيسر ارم ڪريم ناريجو چيو ته اميد ته چونڊيل نمائندا عوام جي ڀلائي لا بھتر ڪم ڪندا. تقريب کان اڳ ۾ ڪيترائي ميمبر اڻ پڙھيل ھجڻ ڪري پنھنجا حلف نامن جا فارم ٻين ماڻھن کان ڀرائيندا رهيا ۽ سندن صحيحون پڻ ٻين ماڻھن ڪيون، جڏھن ته ڪيترائي نمائندا پنھنجا آڱوٺا به صحيح نموني لڳائي نه سگھيا، جنھن جي نشاندھي روينيو عملدارن ڪئي ۽ سندس آڱوٺا هٿ سان پڪڙي حلف نامن تي هنيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button