پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ جي 42 يوسيز جي ميمبرن کان قسم کڻايو ويو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ بلدياتي چونڊن ۾ چونڊيل ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن حلف کڻي ورتو. ضلعي ڪائونسل ۾ حلف برداري تقريب ٿي. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر، ڊي سي عمرڪوٽ ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو ميمبرن کان حلف کڻايو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي سي ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو چيو ته سڄي ضلعي ۾ ميمبرن کان حلف ورتو پيو وڃي. تقريب ۾ حاجي بقا پلي، سيف الله سومرو، ميان خالد ولهاري، سرفراز علي شاهه، مير يونس ٽالپر، جاويد علي شاهه، قاضي صادق، شاهنواز جوڻيجو، ايڊووڪيٽ هيمن ڀيل، ضلعي اليڪشن ڪمشنر عمرڪوٽ لطف علي مستوئي، جيسروپ، ايڊمنسٽريٽر غلام حسين ڪپري، چيف آفيسر امتياز هاليپوٽو، سينيئر صحافي رسول بخش رحيمداڻي، الياس ٿري، مولابخش هاليپوٽو، مدن ڀيل، نظر سميجو ۽ ٻين صحافين توڙي معززن شرڪت ڪئي. واضح رهي ته ضلعي ڪائونسل ۾ چونڊيل 42 يوسيز جي ميمبرن حلف کنيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button