پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ 53 يوسيز جي چيئرمينن قسم کڻي ورتو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ضلعي ڪائونسل جي 53 ڪائونسلرن، ميونسپل ڪارپوريشن جي 22 چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ 88 ڪائونسلرن، 53 يوسيز جي چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ۽ ڪائونسلرن سميت ضلعي جي 7 ٽائون ڪميٽين جي ڪائونسلرن جي حلف برداري جون ڌار ڌار تقريبون ٿيون، جنهن ۾ ميمبرن کي حلف کڻايو ويو. ضلعي ڪائونسل ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جي ميمبرن جي حلف برداري تقريب ميرپورخاص ۾ منعقد ڪئي وئي، جتي ڊي سي ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ ميمبرن کي حلف کڻايو. تقريب ۾ پ پ ايم اين اي مير منور ٽالپر پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي مير منور چيو تھ بلدياتي ادارن اندر چونڊيل نمائندن کي اختيار ملڻ بعد عوام کي سھولتون ڏيڻ لا مڪاني ادارن کي وڌيڪ سرگرم ڪيو ويندو، پ پ عوام جي خدمت ۾ يقين رکي ٿي، ان ڪري ئي ماڻھن بلدياتي اليڪشن ۾ ووٽ ڏئي پ پ اميدوارن کي سوڀارو ڪيو. حلف کڻندڙن کي ھاڻ پنھنجي پنھنجي علائقن ۾ موجود مسئلن جي نشاندھي ڪري اھي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ گھرجن ۽ حڪومت طرفان ملندڙ فنڊن کي شفافيت سان خرچ ڪرڻ گھرجي. ان موقعي تي ضلعي ڪائونسل لا پ پ پاران نامزد ڪيل ضلعي چيئرمين مير انور ٽالپر چيو تھ ضلعي ڪائونسل پاران يوسيز جي چيئرمينن ۽ ضلعي ڪائونسلرن جي صلاح مصلحت سان ضلعي اندر ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button