پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ جوان پرڻيل عورت جو ٽانڪي مان لاش هٿ

ڇاڇرو: ڇاڇرو جي ڳوٺ مٺاتڙ ۾ پرڻيل جوان عورت جو گهر جي ٽانڪي مان لاش مليو. ناري جي سڃاڻپ 24 ورهين جي دائو زال ڀارتو ميگهواڙ طور ٿي، وارثن ۽ ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس واقعي هنڌ پهچي ٽانڪي مان لاش ٻاهر ڪڍرايو ۽ تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، جتي ليڊي ڊاڪٽرياڻي نه هجڻ سبب 8 ڪلاڪن تائين لاش اسپتال ۾ پيل رهيو، معاملو ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ ليڊي ڊاڪٽرياڻي پهچي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو، جنهن بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته ناري پاڻي ڀريندي پير ترڪڻ سبب پاڻي جي ٽانڪي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي آهي. جڏهن تي ناري جي موت جو اصل ڪارڻ معلوم ٿي نه سگهيو. علائقي ۾ چوٻول آهن ته گهرو اڻبڻت تان ناري تنگ ٿي آپگهات ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ هو ته واقعو اتفاقي يا خودڪشي آهي، خبر نه پئجي سگهي آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button