پاڪستانسنڌ

چمبڙ ۽ سنجر چانگ ٽائون ڪميٽين سميت 8 يوسيز جي 56 ميمبرن قسم کڻي ورتو

چمبڙ/سنجر چانگ: چمبڙ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن جي حلف برادري تقريبون اي اسي ۽ مختيارڪار آفيس ۾ ٿيون، جتي رٽرننگ آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر چمبڙ ڊاڪٽر آصف ڪورائي ٻن ٽائون ڪميٽين چمبڙ ۽ سنجرچانگ جي چونڊيل ميمبرن فاخر نسيم راجپوت، لکي محمد رند، رمضان مري، جبران لغاري ۽ ٻين کي حلف کڻايو. تعلقي جي 8 يوسيز راوت لغاري، نصير لغاري، مسو بوزدار، داد جروار، بيگن جروار، دريا خان مري، ڄارڪي ۽ لانڍي جي چونڊيل چيئرمينن راڻو خان مري، جعفر خان جلباڻي، ڄام خان لغاري، شاد مان جروار ۽ ٻين کي الڳ حلف کڻايو ويو. جڏھن ته وائيس چيئرمينن ۽ ميمبرن کي پڻ حلف کڻايو ويو. ڪل 56 چونڊيل نمائندن قسم کنيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button