پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي هر ممڪن رليف فراهم ڪري پئي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ اسيمبلي کي يقين ڏياريو ته جلد ئي ڪراچي ۾ ٽريفڪ جو سستم شهرين کي بهتر ٿيندي نظر ايندو. عوام کي بهترين سفر جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي، اهي رٿائون مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ماڻهن کي بهتر سفر جي سهولت ملندي. هن اها ڳالهه ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر منگلا شرما جي هڪ ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي ڪئي. ٽرانسپورٽ واري وزير چيو ته ٽرانسپورٽ کاتو ٽيڪس سروس شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، عورتن لاءِ پنڪ ٽيڪسي سروسز شروع ڪري رهيا آهيون، رڪشا ٽيڪسي ۾ ميٽر جو معاملو ٽريفڪ پوليس ڪم ڪري رهي آهي، مهانگائي جي باوجود اسان ڀاڙا نه وڌايا آهن.

ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبلي ميبر نديم احمد صديقي ڌيان ڇڪايو نوٽيس ۾ چيو ته سنڌ ۾ برساتن سان گهڻي تباهي ٿي آهي، برساتن سان حيدرآباد جو علائقو لطيف آباد به متاثر ٿيو آهي. صوبائي وزير جواب ڏيندي چيو ته حيدرآباد ۾ صورتحال اهڙي هئي سڀني گڏجي حيدرآباد لاءِ ڪوشش ڪئي هئي. هن چيو ته مصيبت جي ان وقت پيپلزپارٽي جا نمائندا اتي موجود هئا، اسان قيامت صغريٰ ڏٺي هئي، سنڌ حڪومت هر ممڪن رليف جي ڪوشش ڪري رهي آهي. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا، اسان متاثرن کي نان اسٽاپ راشن پهچايو، 22 لک ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏنا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button