سنڌ

مٽياري ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل، ٽائون ۽ يوسي ميمبرن حلف کڻي ورتو

بلدياتي اليڪشن ۾ مٽياري ضلعي مان چونڊيل نمائندن ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ حلف کڻي ورتو. ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر مسعود احمد قريشي ضلعي ڪائونسل جي 30 چونڊيل ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبرن ۽ ميونسپل ڪميٽي هالا جي 16 چونڊيل ميمبرن کي حلف کڻايو، جڏهن ته اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عديل سوھو تعلقي مٽياري جي ٽائون ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلز جي چونڊيل نمائندن کي حلف کڻايو. اسسٽنٽ ڪمشنر هالا ڊاڪٽر مظاهر علي تعلقي هالا جي ٽائون ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن. جڏهن ته تعلقي سعيدآباد جي ٽائون ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن کي اسسٽنٽ ڪمشنر سعيدآباد علي شان ملڪ حلف کڻايو. ڊي سي سيڪريٽريٽ مٽياري ۾ ٿيل حلف برداري تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر جواد مظفر، ايس ايس پي ڪليم ملڪ، سيد سيف علي شاهه، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون منظور لغاري، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو سيد جنيد شاهھ، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن محمد صابر ڪاڪا، مير مسرت جعفري، شوڪت انڙ ۽ ٻيا موجود هئا. ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر طور حلف کڻندڙن ۾ نامزد چيئرمين ضلعي ڪائونسل مٽياري مخدوم احمد زمان سميت سيد علي مرتضيٰ شاهه، جمال ڪاڪا، عبدالڪريم فرمان علي، محمد حيات، پير جنيد شاهه راشدي، علي احمد ڏاهري سميت 16 ميمبرن حلف کنيو. ٽائون ڪميٽي مٽياري جي ميمبر طور سيد حسن مرتضيٰ شاهه ڄاموٽ، سيد سڪندر علي شاهه، سيد پير ارتضيٰ شاهه هاشمي، سيد مير ڪاظم شاهه حسيني، حاجي پرويز احمد ميمڻ، عبدالغفار ميمڻ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه پڻ حلف کنيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button