رانديون

ڀارت ايشيا ڪپ جي هائبرڊ ماڊل تي راضپي لاءِ شرط رکي ڇڏيو

ڀارت جو ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ جي هائبرڊ ماڊل تي راضپي لاءِ شرط رکي ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن مطابق پي سي بي جي هائبرڊ ماڊل کي ڀارتي بورڊ تسليم ڪرڻ تي نيٺ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي، پر اها رضامندي مشروط آهي. ٻڌايو وڃي ٿو تھ هائبرڊ ماڊل تحت پاڪستان ۽ ڀارت نيوٽرل جڳهه تي کيڏندا، جڏهن تھ ميزباني يو اي اي يا سريلنڪا کي ڏني ويندي. رپورٽ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي تھ پي سي بي جي هائبرڊ ماڊل کي تسليم ڪرڻ لاءِ بي سي سي آئي پاڪستان کان ڀارت ۾ اچي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ لکت ۾ خاطري گهري ورتي آهي. هوڏانهن امڪان آهي تھ هائبرڊ ماڊل تسليم ڪرڻ جو باقائدا اعلان بي سي سي آئي پاران 27 مئي تي ڪيو ويندو، جنهن بعد اي سي سي ايشيا ڪپ جي شيڊول جو اعلان ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button