اسلام آبادپاڪستان

عمران خان القادر ٽرسٽ ڪرپشن ڪيس ۾ نيب جي جاچ ۾ باقاعدي شامل

اسلام آباد : پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت مان 8 ڪيسن ۾ ضمانت ۾ واڌ حاصل ڪرڻ کان پوءِ القادر ٽرسٽ ڪيس جي جاچ جي سلسلي ۾ نيب جي جاچ ۾ شامل ٿي ويو. اڱاري تي عمران خان القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ راولپندي نيب ۽ 8 ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ عدالت ۾ پيشي لاءِ زال بشريٰ بي بي سان گڏ لاهور کان جڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد پهتو. ان کان سواءِ نيب عمران خان ۽ ان جي زال بشريٰ بي بي کي القادر ٽرسٽ ڪيس جي جاچ جي حوالي سان بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ سمن جاري ڪري ڇڏيو هو. القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي درخواست ضمانت تي شنوائي احتساب عدالت جو جج محمد بشير ڪئي وڪيل خواجا حارث ۽ بئريسٽر گوهر پاران داخل درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته نيب پاران جوابدار عورت بشريٰ عمران کي گرفتار ڪري سگهجي ٿو. عدالت بشريٰ عمران جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري عدالت 5 لک مچلڪن جي عيوض 31 مئي تائين بشريٰ بي بي جي درخوست ضمانت منظور ڪري ورتي. جنهن کان پوءِ عدالت بشريٰ بي بي جي اين سي اي 190 ملين پائونڊ القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ ڪچي ضمانت جو لکت حڪم نامو به جاري ڪري ڇڏيو. عمران خان 8 ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ ڊجيشل ڪمپليڪس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت ۾ عمران خان خلاف دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي تحت داخل 8 ڪيسن ۾ درخواست ضمانت تي شنوائي ٿي، جتي عمران خان پنهنجي وڪيل سلمان صفدر سان گڏ پيش ٿيو، جنهن کان پوءِ دهشتگردي ٽوڙ واري عدالت عمران خان جي ڪچي ضمانتن ۾ 8 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ عمران خان نيب جي راولپندي آفيس پهتو، نيب جي گڏيل جاچ ٽيم عمران خان کي جاچ ۾ شامل ڪندي کيس سوالنامو ڏئي ڇڏيو. نيب جي سوالنامي ۾ پڇيو ويو ته ڊسمبر 2019 ۾ برطانيا مان غير قانوني رقم واپس آڻڻ جي منظوري لاءِ سمري ڇو تيار ڪئي وئي؟ برطانيا ڊسمبر 2019 ۾ غير قانوني رقم جي واپسي لا سرينڊر ڪرڻ جي منظوري ڇو ڏني؟ جوابدارن کان القادر يونيورسٽي جي زمين ۽ ٻيو مالي فائدو ڇو ورتو؟ سوالنامي ۾ وڌيڪ پڇيو ويو ته هن اعليٰ ترين سرڪاري عهدي تي ويهڻ دوران اختيارين جو غلط استعمال ڇو ڪيو؟ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي جوابدارن کان مالي فائدو ڇو ورتو؟ انهن جوابدارن کي برطانيا مان آيل غيرقانوني رقم واپس ڪري اهڙو ڏوهه ڇو ڪيو؟ برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي سان خط و ڪتابت کي ڇو ڳجهو رکيو ويو؟ ايسٽ ريڪوري يونٽ جي سمري ڇو ڳجهي رکي وئي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button