اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ آڊٽ نٿي ڪرائي ته آئين کي ڦاڙي اڇلائي ڇڏيو:پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي

اسلام آباد : پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نور عالم خان چيو آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ آڊٽ نٿي ڪرائي ته آئين کي ڦاڙي ڦٽو ڪري ڇڏيو. ڪالهه نور عالم خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ رجسٽرار جي عدم پيشي تي اسٽيبلشمينٽ ۽ لا ڊويزن کان راءِ وٺي ايڪشن وٺڻ جي تجويز ڏني وئي. نور عالم خان سوال ڪيو ته آرمي، اٽامڪ انرجي ۽ نيب جي آڊٽ ٿيندي آهي، ڇا سپريم ڪورٽ پاڪستان کان ٻاهر آهي؟ آمريڪا، چين، ڀارت ۽ ڪينيڊا ۾ به سپريم ڪورٽ سميت سڀني ادارن جي آڊٽ ٿيندي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين تحت پبلڪ اڪائونٽس تي پي اي سي ڪنهن کي به طلب ڪري سگهي ٿي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ آڊٽ نه ڪرائيندي ته باقي ادارا به آڊٽ نه ڪرائين، فوج، بيورو ڪريسي سڀ پاڪستان جي آهي. ڪميٽي ۾ سپريم ڪورٽ جي ڊپٽي رجسٽرار شيرافگن ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي انٽرنل آڊٽ ٿي رهي آهي.ڪميٽي ميمبر روحيل اصغر چيو سپريم ڪورٽ رجسٽرار نٿو اچي ته ڪيس ٺاهيو وڃي ته سڄي عمر ڦاسي پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button