اسلام آبادپاڪستان

بجيٽ 9 جون تي پيش ڪرڻ جو فيصلو،رليف لا قدم کنيا وڃن:وزيراعظم

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته ايندڙ وفاقي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان جوڳا قدم غريب ۽ وچولي طبقي جون مالي ڏکيائيون گهٽائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. پينشن سڌارن کي جلد آخري شڪل ڏني وڃي، تخليقي طريقو اختيار ڪندي پينشن فنڊ قائم ڪيو وڃي. روينيو وڌائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ٽيڪس نيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي. جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ وفاقي ڪابينا مان منظوري کان پوءِ 9 جون 2023 تي پيش ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم جي صدارت هيٺ مالي سال 2023-24 جي بجيٽ جي تياري جي حوالي سان اجلاس اڱاري تي اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ معاشي ٽيم پاران وزيراعظم کي بجيٽ جي تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم اطمينان جو اظهار ڪيو ته حڪومت جي تڪڙي حڪمت عملي سان يوريا ڀاڻ جو اگهه لاڳيتو گهٽ ٿي رهيو آهي جنهن سان نه رڳو هاري خوشحال ٿيندو پر ملڪ زرعي جنسن ۾ پاڻ ڀرو ٿيندو. وزيراعظم ان ڳالهه تي به خوشي ظاهر ڪئِي ته حڪومت جي بهتر معاشي پاليسين جي ڪري گذريل ٻن مهينن ۾ ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪيو ويو، ان کان سواءِ وزيراعظم پينشن سڌارن کي جلد آخري شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته تخليقي طريقو اختيار ڪندي هڪ پينشن فنڊ قائم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اسحاق ڊار، خواجا آصف، رانا ثناءُالله احسن اقبال، احد چيما، مصدق ملڪ، ملڪ احمد خان ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button