اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن ڪميشن جيڪي ڳالهيون لکي ڏنيون،اهي پهرين ڇونه چيون:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن لاءِ ڏنل تاريخ تي نظرثاني جي درخواستن تي شنوائي ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته چونڊن سان پنجاب ۽ پختونخوا جي ڪروڙين عوام جا حق لاڳاپيل آهن. عوامي مفاد 90 ڏينهن ۾ چونڊون ٿيڻ ۾ آهي. اڱاري تي اليڪشن ڪميشن، وفاقي ۽ صوبائي پاران داخل نظرثاني درخواست تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل بئنچ شنوائي ڪئي. اليڪشن ڪميشن جو وڪيل سجيل سواتي روسٽرم تي اچي عدالت کي ٻڌايو ته وفاق ۽ پنجاب حڪومت عدالت ۾ جيڪو جواب جمع ڪرايو اهو اسان کي هاڻي مليو آهي. چيف جسٽس چيو ته شايد تحريڪ انصاف جواب جمع ناهي ڪرايو، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته تحريڪ انصاف سميت ڪنهن ڌر جي جواب جي ڪاپي ناهي ملي. اليڪشن ڪميسن جي وڪيل اپيل ڪئي ته جوابن جو جائزو وٺڻ لاءِ موقعو ڏنو وڃي. چيف جسٽس چيو ته ايندڙ شنوائي تي ڪوئي نئون نقطو اٿارڻو هجي ته اٿاري سگهون ٿا. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل شڪايت ڪئي ته ڪوبه جواب پهريان کان مون کي فراهم ناهي ڪيو جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ڇا اسان اوهان جي مدد ڪريون ته جوابن ۾ ڇا چيو ويو آهي. پهريان اهو ٻڌائڻو آهي ته ڪيئن نظرثاني درخواست ۾ نوان نقطا اٿاري سگهجن ٿا. سجيل سواتي دليل ڏنا ته نظرثاني درخواست جو دائرو آئيني ڪيسن ۾ محدود ناهي هوندو. سپريم ڪورٽ جو دائرو وڌائي سگهجي ٿو، جڏهن ته گهٽائي نٿو سگهجي. نظرثاني ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جو دائرو ديواني ۽ فوجداري ڪيسن ۾ محدود هوندو آهي. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته بنيادي حقن لاءِ عدالت وڃڻ سول نوعيت جو ڪيس هوندو آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل اپيل ڪئي ته آرٽيڪل 184 (3) تحت ڪارروائي سول نوعيت جي ناهي ٿيندي. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته آرٽيڪل 184(3) جو هڪ حصو عوامي مفاد ٻيو بنيادي حقن جو آهي. جسٽس منيب اختر پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن چونڊن جو ڪيس هاءِ ڪورٽ مان ٿيندو اچي ها ته ڇا سول ڪيس نه ٿئي ها. سجيل سواتي چيو ته هاءِڪورٽ جو آئيني اختيار سپريم ڪورٽ کان وڌيڪ آهي. جسٽس منيب اختر چيو ته چونڊن سان پنجاب خيبرپختونخوا جي ڪروڙين عوام جا حق لاڳاپيل آهن، عوامي مفاد ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ٿيڻ ۾ آهي. جسٽس منيب اختر چيو ته ڇا هي بنيادي حقن جي ڪيس سان فرق وارو ورتاءُ نه آهي، سپريم ڪورٽ ڇو پنهنجي دائري ۾ ابهام پيدا ڪري. سجيل سواتي چيو ته آرٽيڪل 184 ۾ اپيل جو حق ناهي ڏنو ويو، اپيل جو حق نه هجڻ جي ڪري نظرثاني جو دائرو محدود نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته عدالت کي نظرثاني ۾ انصاف جي گهرجن کي نظر ۾ رکڻو آهي، آئيني ڪيسن ۾ نئون نقطو اٿاري سگهجي ٿو. جسٽس منيب اختر چيو ته ڇا اوهان جو دليل آهي ته 184(3) ۾ نظرثاني کي اپيل وانگر شنوائي ڪئي وڃي جنهن تي وڪيل چيو ته بلڪل مان اهو ئي چئي رهيو آهي 184(3) ۾ نظرثاني اپيل اصل ۾ اپيل ئي هوندي آهي ڪيس ۾ نطرثاني جو دائرو محدود نه هئڻ گهرجي. چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي چيو ته اوهان دليلن ۾ وڏا سٺا نقطا اٿاريا آهن پر انهن نقطن تي عدالتي حوالا اطمينان جوڳا نه آهن. جسٽس اعجازالاحسن چيو ته اوهان جا دليل مڃيا وڃن ته نظرثاني ۾ نئين سر شنوائي ڪرڻي پوندي. آئين ۾ ناهي لکيو ته نظرثاني ۽ اپيل جو دائرو برابر هوندو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته آئين ۾ دائرو محدود به ناهي ڪيو ويو چيف جسٽس چيو ته نظرثاني کي اپيل ۾ تبديل نه ڪريو، آئين آرٽيڪل 184(3) ۾ اپيل جو حق ناهي ڏنو، دائرو وڌائڻ لاءِ آئين واضح هجڻ گهرجي. چيف جسٽس چيو ته ماضي ۾ حڪومت بينچ تي اعتراض ڪندي رهي آهي، جيڪي ڳالهيون اوهان لکي ڏنيون آهن، اهي پهرين ڇو نه چيون ويون، ڇا ڪنهن ٻئي اداري اليڪشن ڪميشن کي اهو موقف اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button