اسلام آبادپاڪستان

شيرين مزاري ۽ فياض چوهاڻ طرفان تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان

اسلام آباد :تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شيرين مزاري، فياض الحسن چوهاڻ، تحريڪ انصاف جي ترجمان مسرت جمشيد چيما ۽ سندس مڙس جشميد چيما پڻ پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه اسلام آباد ۾ شيرين مزاري پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته هاڻ منهنجا ٻار، ماءُ ۽ منهنجي صحت ترجيح آهي، اڄ کان مان پي ٽي آءِ يا ڪنهن به سياسي جماعت جو حصو ناهيان. گذريل 10، 12 ڏينهن دوران منهنجي صحت خراب ٿي وئي هئي.
هن چيو ته رياستي ادارن کي نشانو بڻائڻ جي سڀني کي مذمت ڪرڻ گهرجي، آئون به 9 ۽ 10 مئي تي ٿيندڙ واقعن جي مذمت ڪيان ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪور ۾ ان حوالي سان حلفي بيان به ڏنو آهي، هر قسم جي تشدد جي سدائين مذمت ڪئي آهي. جي ايڇ ڪيو، پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ جهڙي رياستي علامتن تي تشدد جي مذمت ڪيان ٿي. سندس چوڻ هو ته اغوا ۽ آزادي دوران منهنجي صحت تي اثر پيو، منهنجي ڌيءَ ايمان کي آزمائش مان گذرڻو پيو، مون کي ٽي ڀيرا جيل وٺي ويا ته ڌيءَ روئي رهي هئي، ان جي وڊيو ڏٺي، ان ڪري مون سياست ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شيرين مزاري چيو مڙس جيئرو هو ته ٻارن جو خيال رکندو هو، هاڻ ٻار ۽ ماءُ منهنجي ترجيح آهن، هاڻ ٻارن، ماءُ ۽ پنهنجي صحت تي ڌيان ڏينديس. هوڏانهن تحريڪ انصاف اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فياض الحسن چوهاڻ چيو ته 9 مئي جي واقعن تي ملڪ جو عوام ڏکارو آهي، آئون به ڏکارو آهيان، پاڪستان جي خدمت ڪندو رهندس. هن چيو ته ميسيج ۾ عمران خان کي هڪ ڳالهه سمجهائي هئي ته رياست سان ٽڪراءَ جي پاليسي ڇڏي ڏيو، اسان موجوده حڪمرانن خلاف تحريڪ هلايون، رياست ۽ ادارن سان ٽڪراءُ سياستدانن جو ڪم ناهي هوندو. سندس موجب مون کانسواءِ عمران خان کي ڪنهن نه ٻڌايو ته سياست ۾ تشدد ناهي ٿيندو، ان ڪري ئي مان پارٽي ۾ پاسي تي هيس، زمان پارڪ ۾ داخلا بند هئي، سمورا ليڊر شاهدي ڏيندا ته مان عمران خان کي سمجهايو هو. فياض الحسن چوهاڻ چيو مان آزادي کانپوءِ خاندان کان پڇيو ته ڇا عمران خان منهنجي لاءِ ٽوئيٽ ڪيو؟ ٻڌايو ويو نه، عمران خان کي سڀ ياد رهيا، جنهن جو گهر تباهه ٿي ويو اهو فياض الحسن ياد نه رهيو. هن چيو ته ترجمانن کي چيو ويندو هو فوج مخالف بيانيو تيار ڪيو وڃي، پهرين مئي تي ريلي پريڪٽس طور تي رکي وئي ته فوجي آفيسن ڏانهن رُخ ڪيو، 6 مئي تي عمران خان جي حڪم تي ڪچهري چوڪ تي ريلي رکي وئي. واثق قيوم، عمر تنوير کانسواءِ اڳواڻن کي رضامند ڪيو ته مريڙ پل ڪراس ناهي ڪرڻي، واثق قيوم کي ڊائريڪٽ ميسيج آيو ته جي پي او چوڪ پهتو. سندس چوڻ هو ته 14 مئي تي زوم ميٽنگ ۾ ٻاهرين ايجنڊا کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، 70 آمريڪي ڪانگريس ميمبرن جو لابي ڪرڻ جو پتو ٿيو ته ڌچڪو لڳو، فوج ۽ پاڪستان سان محبت اڄ نه پر شروع کان هئي ۽ آهي. فياض الحسن چوهاڻ واضح چيو ته مان سياست نه رڳو پي ٽي آءِ ڇڏي رهيو آهيان، صوبي، شهر ۽ پاڪستان جي خدمت جاري رکندس. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي ترجمان مسرت جمشيد چيما ۽ سندس مڙس جشميد چيما به پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ٻنهي طرفان پارٽي ڇڏڻ جي فيصلي جي دعويٰ سندن وڪيل ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪئي. مسرت ۽ جمشيد چيما جي وڪيل ملڪ محمد رياض چيو ته ٻئي اڳواڻ جلد پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button