رانديون

چنائي سپر ڪنگز جي ٽيم ڇهون ڀيرو انڊين پريميئر ليگ جي فائنل ۾ پهچي وئي

چنائي: چنائي سپر ڪنگز جي ٽيم ڇهون ڀيرو انڊين پريميئر ليگ جي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. چار ڀيرا چيمپيئن رهندڙ چنائي سپر ڪنگز ڪواليفائرز ۾ دفاعي چيمپيئن گجرات ٽائيٽنز کي 15 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. گجرات ٽائٽنز جي ٽيم 173 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ مقرر اوورن ۾ 157 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. رتوراج گائيڪواڊ 60 رنسن جي سٺي اننگز کيڏي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. چنائي جي ايم اي چدمبرم اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ليگ ڪواليفائر ون جي ميچ ۾ چنائي سپر ڪنگز مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 172 رنسون ٺاهيون ۽ دفاعي چيمپيئن گجرات ٽائيٽنز کي ميچ کٽڻ لاءِ 173 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. گجرات ٽائيٽنز جي ٽيم گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 157 رنسون ٺاهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button