اسلام آبادپاڪستان

9 مئي جو ماسٽر مائينڊ عمران خان آهي،شرپسندن لا ڪا معافي ناهي:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي شرپسندن 9 مئي تي ريڊ لائن ڪراس ڪئي، انهن لاءِ ڪا معافي ناهي. 9 مئي جو ماسٽر مائينڊ عمران خان آهي. ڪالهه جناح ڪنوينشن ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڀلي مان سفارش ڇو نه ڪيان، ڪنهن ڏوهي کي نه بخشيو ويندو ۽ ڪنهن بي ڏوهه کي سزا نه ڏني ويندي، شهيد اسان جا هيرو آهن، انهن جي يادگارن جي بي حرمتي برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته پاڪ فوج، قانون لاو ڪندڙ اداري، پوليس، سيڪيورٽي ايجنسين جي آفيسرن ۽ جوانن هن ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، وڏين قربانين سان ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام آيو، جيڪو ڪجهه 9 مئي تي ٿيو، اهو ڪڏهن نٿو وساري سگهجي، ان کي سدائين هڪ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي شرپسندن ۽ ان جي سربراهه عمران خان جيئن ماڻهن کي مڇرايو، اهو سڀ هڪ منصوبو هو، جنهن جو ماسٽر مائينڊ عمران خان هو، هو پاڻ کي آجو قرار نٿو ڏئي سگهي. وزيراعظم ته ڇا سياسي جماعت ائين ڪري سگهي ٿي ته گرفتاري جي صورت ۾ رياست تي حملو ڪري؟ هن حڪومت ۾ هوندي سڄي اپوزيشن کي جيلن ۾ وجهي ڇڏيو پر اسان ڪو مسئلو نه ڪيو، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ٿي، بينظير ڀٽو شهيد ٿي وئي، نواز شريف کي جلا وطن ڪيو ويو، پوءِ ٻيهر ان جي حڪومت ختم ڪئي وئي پر ڪنهن جماعت پنهنجي ملڪ يا ان جي جهنڊي کي نقصان نه پهچايو. هن چيو ته رياست ڪمزور ناهي، عمران خان جي گرفتاري تي سندس شرپسند ڀڃ ڊاهه ڪندا آهن، انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، انهن لاءِ ڪا معافي ناهي، سخت قانونن تحت ڪارروائي ڪنداسين ته جيئن اڳتي ڪو اهڙي جرئت نه ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button