اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو اسد عمر کي فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسد عمر طرفان وڪيل بابر اعواڻ ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو، عدالت ٿري ايم پي او تحت گرفتاري ڪالعدم قرار ڏني. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسد عمر کي پرتشدد احتجاج جو حصو نه بڻجڻ جو حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو. جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته حلفي بيان جي ڀڃڪڙي ٿي ته اسد عمر سياسي ڪيريئر وساري ڇڏي. ان سان گڏوگڏ عدالت اسد عمر جا ٽوئيٽ به ڊليٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان دوران جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏنا ته جيستائين توهان پريس ڪانفرنس نه ڪندا، توهان کي نه ڇڏينداسين، جنهن تي بابر اعواڻ چيو ته پريس ڪانفرنس نه ڪنداسين. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب هدايت ڪئي ته اسد عمر جون 2 ٽوئيٽس آهن، انهن کي فوري طور ڊليٽ ڪيو وڃي، جنهن تي بابر اعواڻ چيو ته اها خبر آهي پر توهان جي حڪم جي تعميل ڪنداسين. بابر اعواڻ استدعا ڪئي ته عدالت اسد عمر کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏيندي چيو ته اسد عمر خلاف ڪيس منهنجي سامهون آهن، جيڪڏهن مان ڪو حڪم ڏيان ته سڀاڻي ڇا ٿيندو، خبر ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button