رانديون

ڀارت پاران پاڪستان جي هائبرڊ ماڊل تحت ايشيا ڪپ کيڏڻ کان انڪار

ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي هائبرڊ ماڊل تحت ايشيا ڪپ کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا بي سي سي آئي جي هائبرڊ ماڊل کي تسليم ڪرڻ وارين خبرن کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو آهي ۽ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي تھ بي سي سي ايشيا ڪپ کي نيوٽرل جڳهه تي منتقل ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ ان جي پهرين ترجيح سريلنڪا آهي. ڀارتي ميڊيا موجب بي سي سي آئي جو چوڻ آهي تھ هائبرڊ ماڊل کي تسليم ڪرڻ واريون رپورٽ بي بنياد آهن. هوڏانهن بي سي سي آئي جي سيڪريٽر ۽ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر جئي شاهه چيو آهي تھ ايشيا ڪپ جي ميزباني ۽ شيڊول جو اعلان آئي پي ايل جي فائنل واري ڏينهن تي ڪيو ويندو. هن چيو تھ ميزبان ملڪ يا ملڪن جي نالن ۽ شيڊول کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، آئي پي ايل جي فائنل ۾ سريلنڪا، بنگلاديش، افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ جا نمائندا اچي رهيا آهن، اهي اي سي سي جا نمائندا پڻ آهن، جن سان ڳالهيون ڪرڻ بعد ميزبان ملڪ، وينيو ۽ شيڊول جو اعلان ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button