اسلام آبادپاڪستان

ڀارتي هم منصب سان ٻه طرفي ملاقات نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو:بلاول ڀٽو

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارتي دوري دوران ڀارتي هم منصب سان ٻه طرفي ملاقات نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، پاڪستاني سياستدانن ۽ پارليامينٽ ميمبرن کي ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائڻ گهرجي ته جيئن پکڙيل غلط فهمين کي درست ڪري سگهجي. شنگهائي سهڪاري تنظيم جي اجلاس ۾ پاڪستان جو بيانيو دنيا آڏو رکيو ۽ ڀارت کي ان جي ئي لهجي جواب ڏنو. سينيٽ جي پرڏيهي مامرن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽريوز ۾ به مسلمانن ۽ پاڪستانين بابت ڦهلائي ويندڙ ناڪاري پروپيگنڊا خلاف آواز اُٿاريو. هن چيو ته ڀارتي هم منصب جو رويو پيشواراڻو نه هو، ڪانفرنس ۾ ميزبان طرفان اُٿاريل ڪجهه معاملن جو مون جواب ڏنو. ايس سي او اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان شرڪت ڪئي، مان ڪو به پليٽ فارم ڇڏڻ جو حامي نه آهيان. بلاول چيو ته ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت ڏاڍو ڏکيو فيصلو هو، پهريان جڏهن معلوم ٿيو ته ايس سي او اجلاس ڀارت ۾ ٿي رهيو آهي ته ڪائي دلچسپي نه هئي، اسان پرڏيهي آفيس مان ان معاملي تي مشاورت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته ميزبان مُلڪ جو مقصد هو ته ايس سي او پليٽ فارم کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪجي، نالو نه کڻڻ کانسواءِ اسان جي ميزبان ڪجهه مسئلن جو ذڪر ڪيو هو. اسان به پاڪستان جو موقف پيش ڪيو، ڀارت جي بيانئي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته کين ٻڌايان ته مان شهيد جو پٽ آهيان، اصولي طور چاهيون ٿا ته دهشتگردي جي خاتمي جو حل تلاش ڪجي. هن چيو ته بدقسمتي ڀارت وڃڻ بعد اسان جي ميزبان پاڪستان بابت انتهائي غلط ٻولي استعمال ڪئي. بلاول ٻڌايو ته شنگهائي سهڪاري تنظيم جي سربراهي اجلاس بابت في الحال فيصلو ناهي ڪيو ويو، پاڪستان فيصلو ڪندو ته سربراهي اجلاس ۾ ڪهڙي حساب سان شرڪت ڪرڻي آهي. ان کان اڳ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو هوائي فوج جي ميڊيڪل ڪاليج جي ڪانووڪيشن ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پاس ٿيندڙ سمورن شاگردن کي واڌايون ڏنيون.سندس چوڻ هو ته شاگرد معاشري جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هر ايندڙ ڏکيائي اوهان کي وڌيڪ مضبوط ڪندي. هن جو چوڻ هو ته دنيا هن وقت چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، سندن پرڏيهي پاليسي بهتري طرف وڌي رهي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دنيا هن وقت موسمياتي تبديلن کي منهن ڏئي رهي آهي، موسمياتي تبديلين سبب ٿيندڙ نقصان تي دنيا پاڪستان سان گڏ آهي. ڏکي وقت ۾ دنيا جو پاڪستان سان گڏ بيهڻ دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب آهي، مختلف ملڪ چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهن.پرڏيهي وزير چيو ته گهٽ وسيلن سان اسپتالون ٺاهي عوام جي خدمت ڪئي پئي وڃي، گمس ۽ جناح اسپتال سميت ٻين اسپتالن ۾ جديد ترين سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button