اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف درخواستن تي لارجر بئنچ جوڙي ڇڏي

اسلام آباد :چيف جسٽس عمر عطا بنديال آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف درخواستن تي لارجر بئنچ جوڙي ڇڏي. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف درخواست تي شنوائي ڪندي. پنج رڪني بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس شاهد وحيد، جسٽس حسن اظهر رضوي ۾ شامل هوندا. پي ٽي آءِ طرفان ايڊووڪيٽ بابر اعواڻ ذريعي آڊيو ليڪس تي جڊيشل ڪميشن جي قيام خلاف آئيني درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته جڊيشل ڪميشن جي قيام جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. اهڙي طرح جڊيشل ڪميشن جي قيام خلاف هڪ ٻي درخواست داخل ڪئي وئي آهي جيڪا درخواستگذار جي وڪيل رياض حنيف راهي طرفان داخل ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ حڪومت پاڪستان ۽ جوائنٽ سيڪريٽري ڪيبينيٽ ڊويزن کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالت جڊيشل ڪميشن جي قيام جي نوٽيفڪيشن کي غير آئيني قرار ڏئي ٿي. عدالتي ڪميشن ذريعي عوام جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، درخواستگذار سميت عوام جي قيمتي حقن ۽ آئين جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button