اسلام آبادپاڪستان

9 مئي واقعي جي ذميوارن کي قوم معاف نه ڪندي:آرمي چيف

راولپنڊي : آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته جيڪو ڪجهه 9 مئي تي ٿيو، اهو انتهائي افسوسناڪ ۽ قابلِ مذمت هو. شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ۽ سندن وقار کي مجروح ڪندڙن کي نه قوم معاف ڪندي نه ئي وساريندي. ڪالهه پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جي عظمت جي ڏهاڙي جي حوالي سان آرمي چيف جنرل عاصم منير پوليس لائين اسلام آباد جو دورو ڪيو. هن اسلام آباد پوليس جي آفيسرن، جوانن، پوليس جي شهيدن پونيئرن کي خطاب ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب پنهنجي خطاب ۾ آرمي چيف چيو ته شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ۽ سندن وقار کي مجروح ڪندڙن کي نه قوم معاف ڪندي نه ئي وساريندي. آرمي چيف چيو ته اهڙي عمل کي برداشت نه ڪيو ويندو، فوج، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رياست جي علامت آهن. آرمي چيف وڌيڪ چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مُلڪ جي وقار خاطر ڪنهن به قسم جي قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندا، پاڪستاني قوم شهيدن، سندن قابل احترام خاندانن ۽ فوج سان گڏ آهي ۽ رهندي. پاڪ فوج پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رياست جو اهڃاڻ ۽ رڪ جي ڀت جي برابر آهن، جيڪي ملڪ ۽ قوم جي وقار لاءِ هر قرباني ڏين ٿا. شهيدن جي قربانين کي ڪو رائيگان نٿو ڪري سگهي. آرمي چيف چيو ته شهيدن جي وارثن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اڄوڪي ڏينهن پاڪستاني عوام ۽ پاڪ فوج جي سمورن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن جي وارثن سان گڏ بيٺي آهي ۽ بيٺل رهندي. پوليس لائن آمد تي چيف آف آرمي اسٽاف جو استقبال انسپيڪٽر جنرل اسلام آباد پوليس ڊاڪٽر اڪبر ناصر خان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button