اسلام آبادپاڪستان

آرمي ايڪٽ تحت سويلين جي ٽرائل خلاف عمران سپريم ڪورٽ هليو ويو

اسلام آباد : پي ٽي آئي چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم عمران خان آرٽيڪل 245 جي نفاذ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. خميس تي عمران خان ايڊووڪيٽ حامد خان جي مدد سان آئيني درخواست داخل ڪئي. عمران خان درخواست ۾ اپيل ڪئي آهي ته آرٽيڪل 245 جي نفاذ کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي گرفتارين کي روڪيو وڃي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته سويلين جو آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل به ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت سويلين جو ٽرائل غير آئيني قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ چيو ويو ته 9 مئي جي واقعن جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙيو وڃي. عمران خان پاران درخواست ۾ وفاق، وزيراعظم شهبازشريف، نوازشريف، مريم نواز، آصف زرداري، بلاول ڀٽو، مولانا فضل الرحمان سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button