اسلام آبادپاڪستان

ڪيستائين چونڊن جي تاريخ وڌائي جمهوريت قربان ڪندا رهنداسين:چيف جسٽس

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پنجاب ۾ چونڊن تي نظرثاني جي درخواستن تي شنوائي ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪيستائين چونڊون اڳتي وڌائي جمهوريت قربان ڪندا رهنداسين. ڪيئن ممڪن آهي ته چونڊيل حڪومت 6 مهينا ۽ نگران حڪومت ساڍا 4 سال رهي. اسان آئين جا محافظ آهيون ۽ اسان کي هر صورت ان جو دفاع ڪرڻو آهي. خميس تي اليڪشن ڪميشن، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن پاران نظرثاني درخواستن تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس منيب اختر تي ٻڌل بئنچ شنوائي ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٽيون ڏينهن آهي، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جا دليل ٻڌي رهيا آهيون. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل جا دليل مختصر ٿين، ٻڌايو ته اوهان جو اصل نقطو ڇا آهي. ڪميشن وڪيل سجيل سواتي چيو ته سپريم ڪورٽ رولز آئيني اختيارن تي ڪم نٿو ڪري سگهجي. جسٽس اعجازالاحسن ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ رولز عدالتي آئيني اختيارن کي ڪيئن ڪم ڪيو وڃي ٿو. هن وقت تائين جا نقطا نوٽ ڪري چڪا آهيون اوهان اڳتي وڌو. سجيل سواتي چيو ته فل ڪورٽ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ قرار ڏئي چڪي آهي ته نظرثاني جو دائرو محدود ناهي ٿيندو. ان تي جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته اوهان جو منطق مڃون ته سپريم ڪورٽ رولز عملي طور تي ڪالعدم ٿي ويندا. سجيل سواتي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ۾ پارليامينٽ جي قانونسازي جو اختيار به محدود آهي، توهين عدالت جي ڪيس ۾ لارجر بئنچ قرار ڏنو ته سپريم ڪورٽ جو اختيار هٽائي نٿو سگهجي. نظرثاني درخواست اصل ۾ مرڪزي ڪيس جو ئي تسلسل هوندو آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان هوا ۾ تير هلائيندا رهندا ته اسان آسمان ڏانهن ئي ڏسندا رهنداسين گهٽ ۾ گهٽ ٽارگيٽ ڪري فائر ڪريو، پتو ته پوي چوڻ ڇا ٿا چاهيون. جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏنا ته اوهان نظرثاني جو دائرو مرڪزي ڪيس کان به وڌيڪ وڏو ڪري ڇڏيو آهي. سجيل سواتي چيو ته چونڊن لاءِ نگران حڪومت جو هجڻ ضروري آهي، نگران حڪومت جي مقرري جو طريقو آئين ۾ڏنو ويو آهي. نگران حڪمرانن جا گهرڀاتي اليڪشن ۾ حصو نٿا وٺي سگهن. سجيل سواتي چيو ته ساڍا 4 سال نگران ئي حڪومت لاڳاپيل صوبي ۾ ڪم ڪندي، آئين جي هڪ آرٽيڪل تي عمل ڪندي ٻئي جي ڀڃڪڙي نٿي ٿي سگهي. آرٽيڪل 254 سان 90 ڏينهن جي دير کي قانوني سهارو ملي سگهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button