رانديون

ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ کٽيندڙ ٽيم کي 16 لک ڊالر ڏيڻ جو اعلان

آئي سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي ايونٽ ۾ ٽيمن کي مجموعي طور 38 لک ڊالرن جا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميڊيا مطابق آئي سي سي پاران اعلانيل انعامي رقم بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ کٽيندڙ ٽيم کي 16 لک ڊالر ڏنا ويندا. جڏهن تھ فائنل هارائيندڙ رنر اپ ٽيم کي 8 لک ڊالر ملندا، ٽين پوزيشن ماڻيندڙ ٽيم کي 4 لک ڊالر ملندا. اهڙي ريت ٽورنامينٽ ۾ چوٿين پوزيشن واري ٽيم کي 3 لک ڊالر ڏنا ويندا، ايونٽ جي پنجين نمبر تي ايندڙ ٽيم 2 لک ڊالر کڻندي. جڏهن تھ نيوزيلينڊ، پاڪستان، ويسٽ انڊيز ۽ بنگلاديش جون ٽيمون هڪ، هڪ لک ڊالر کڻڻ جون حقدار هونديون. ياد رهي تھ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل ڀارت ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button