اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جو ٽرائل به ملٽري ڪورٽ جي ذمري ۾ اچي ٿو:راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد :گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته منع ٿيل علائقن ۾ وڃڻ وارن، موڪلڻ وارن ۽ وڃڻ ۾ مدد ڪندڙن تي ملٽري ايڪٽ لڳي ٿو. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ ملٽري ايڪٽ اتي لاڳو ٿئي جتي دفاع سان لاڳاپيل جڳهه هجي. جناح هائوس مان چوري ڪيل شيءَ جيڪڏهن ڪنهن پاڙيسري ملڪ کان استعمال ٿي وڃي ته ڇا اهو سياسي احتجاج هوندو. ڪينٽومينٽس جي علائقن، دفاعي ملڪيتن تي حملو ڪندڙن جو ٽرائل آرمي ايڪٽ تحت ٿيندو، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، ڀڃ ڊاهه ڪندڙن جا ڪيس سول ۽ خصوصي عدالتن ۾ هلايا ويندا. پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي 33 ماڻهن کي فوجي عملدارن جي حوالي ڪيو ويو آهي جن خلاف فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ٿيندو. 499 مان صرف 6 ايف آءِ آرز آهن جنهن کي پراسيس ڪيو پيو وڃي، صرف 6 ايف آءِ آرز جو ٽرائل امڪاني طور تي ملٽري ڪورٽ ۾ ٿي سگهي ٿو. ڪالهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله خان چيو ته نفرت جي سياست هڪ ناسور وانگر معاشري ۾ داخل ڪئي پئي وئي ۽ هڪ پروگرام تحت پاڪستان جي سياست کي گندو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. هن چيو ته عمران خان هڪ سال کان مسلسل نفرت جي سياست ڪري رهيو هو، هن نفرت جي سياست ۾ 25 مئي تي اسلام آباد تي حملو ڪرڻو هو، هڪ پروگرام تحت ماڻهن کي پيٽرول بم بڻائڻ جي ٽريننگ ڏني وئي، عمران خان هڪ فتني جو نالو آهي، قوم ان فتني جي سڃاڻپ ۽ ازالو نه ڪيو ته هي فتنو قوم کي خطري جي ور چاڙهي ڇڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي جي واقعن تي مجموعي طور تي 499 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون، جنهن ۾ 5 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، انهن مان 80 سيڪڙو ماڻهو ضمانت تي آزاد آهن. اي ٽي اي جي ڪيسن ۾ 3944 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 88 ڪيس دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ تحت داخل ڪيا ويا. خاطري ڪرايون ٿا ته 9 مئي جي واقعن ۾ جيڪو ملوث نه هوندو ان کي ڪيسن ۾ شامل نه ڪيو ويندو. گهرو وزير واضح ڪيو ته فوجي عدالتن ۾ ڪيسن جي حوالي سان ڪنهن قانونسازي يا ترميم جي ضرورت ناهي. هن چيو ته فوجي عملدار ڪيسن جي جاچ ڪندا پر پورو ٽرائل شفٽ نه ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button