اسلام آبادپاڪستان

جٿن جي ٺيڪيدارن کي آمريڪا کان ئي جواب ملي ويو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته آمريڪا ۾ ڪيپيٽل هل تي حملي ڪندڙن کي سزا جمهوري احتجاج ۽ رياست تي حملي ۾ فرق ظاهر ڪري ٿي. قومي علامتن جي بي حرمتي ڪا به رياست برداشت نه ٿي ڪري سگهي. ڪالهه جمعي ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آئين ۽ قانون پائمال ڪري قومي علامتن جي بي حرمتي آمريڪا ۾ ٿئي، برطانيا يا پاڪستان ۾، ان کي ڪا به رياست برداشت نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستاني هٿياربند جٿن جي وڪيلن ۽ ٺيڪيدارن کي آمريڪا کان ئي جواب ملي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button