اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن جي ڪارروائي روڪي ڇڏي،نوٽيفڪيشن معطل

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. اٽارني جنرل سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا. چيف جسٽس چيو آهي ته حڪومت ججز ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪالهه سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن جي لکت واري حڪم ۽ ڪارروائي تي به منع نامو جاري ڪري ڇڏيو ۽ آڊيو ليڪ انڪوائري ڪميشن قائم ڪرڻ جو 19 مئي جو حڪومتي نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ پنهنجي لکت حڪم ۾ چيو آهي ته آڊيو ليڪ انڪوائري ڪميشن جي معاملي تي ايندڙ شنوائي 31 مئي تي ٿيندي. سپريم ڪورٽ جي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن ۾ ججن جي نامزدگي بابت چيف جسٽس جي مشاورت لازمي عمل آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس اظهر رضوي تي ٻڌل 5 رڪني لارجر بئنچ آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف عمران خان ۽ ٻين جي درخواستن تي شنوائي ڪئي. شنوائي جي شروعات تي اٽارني جنرل بئنچ ۾ چيف جسٽس جي شموليت تي اعتراض ڪندي چيو ته درخواست آهي ته چيف جسٽس ان بئنچ جو حصو نه بڻجي. چيف جسٽس چيو ته اوهان جو مطلب آهي ته مان بئنچ کان الڳ ٿي وڃان؟ عدليا بنيادي انساني حقن جي محافظ آهي، اوهان اسان جي انتظامي اختيارن ۾ مداخلت نه ڪريو. اسان حڪومت جو مڪمل احترام ڪريون ٿا. چيف جسٽس چيو ته اوهان جي درخواست احترام جوڳي آهي پر چيف جسٽس جو عهدو هڪ آئيني عهدو آهي، مون کي خبر هئي ته اوهان اعتراض اٿاريندا، عدليا وفاقي حڪومت جي ماتحت ناهي ۽ آئين ۾ اختيارن جي تقسيم آهي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته حڪومت ڪيئن سپريم ڪورٽ جي ججز کي پنهنجي مقصدن لاءِ مقرر ڪري سگهي ٿي. اٽارني جنرل صاحب! عدليا جي آزاديءَ جو معاملو آهي، گهڻو ٿيو، اوهان ويهي رهو. شنوائي دوران چيف جسٽس چيو آهي ته حڪومت ججز ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. وفاقي سرڪار عدليا جي معاملي ۾ ڪوارٽرز جو خيال ڪري، انڪوائري ڪميشن ۾ حڪومت پاڻ ججز چونڊيا، اُن کان اڳ ٽن نوٽيفڪيشنز ۾ حڪومت ججز جا نالا تجويز ڪيا، جِن کي بعد ۾ واپس ورتو ويو. چيف جسٽس چيو ته 1956ع ايڪٽ آئين جي احترام جي ڳالهه ڪري ٿو، جسٽس ان نقطي تي بعد ۾ ايندو، وفاقي سرڪار کي گذارش آهي ته آئين جو احترام ڪندي روايتن پٽاندڙ عمل ڪري. اٽارني جنرل چيو ته ايڪٽ 2017 کي چئلينج نه ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي ڪميشن جي جوڙجڪ ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته فون ٽيپنگ ڪنهن ڪئي؟ فون ٽيپنگ هڪ غيرآئيني عمل آهي، اهو طئه ڪير ڪندو ته ڪهڙي جج اخلاقي ضابطي جي ڀڃڪڙي ڪئي. چيف جسٽس چيو ته مفروضن جي بُنياد تي آڊيوز کي صحيح مڃيو ويو، حڪومت چيف جسٽس جي اختيارن کي به ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ تڪڙ ۾ قانونسازي ڪئي، عدليا بنيادي انساني حقن جي محافظ آهي. چيف جسٽس شنوائي دوران ڪميشن جي قيام کي آرٽيڪل 209 جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان دوران جسٽس منيب اختر ريمارڪس ڏيندي چيو ته بظاهر وفاقي سرڪار سپريم ڪورٽ جي حاضر جج خلاف مواد گڏ ڪر مس ڪنڊڪٽ ڪيو آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪميشن جو قيام آرٽيڪل 209 جي ڀڃڪڙي آهي. جسٽس منيب اختر چيو ته آرٽيڪل 209 ايگزيڪيوٽو کي سپريم جڊيشل ڪائونسل ڏانهن ريفرنس اُماڻڻ جي اجازت ڏئي ٿو، وفاقي سرڪار آئين ۾ اختيارن جي ورڇ جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. چيف جسٽس چيو ته لڳي ٿو جاچ ڪميشن هر ڪم تڪڙ ۾ ڪيو آهي. جسٽس منيب اختر چيو ته ججز پنهنجي مرضي سان ڪيئن ڪميشن حصو بڻجي سگهن ٿا، مٺا لفظ استعمال ڪري ڪوَر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. بظاهر اختيارن جي ورڇ واري آئيني اصول جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، اها پريشان ڪندڙ صورتحال آهي. واضح رهي ته آڊيو ليڪس جي معاملي تي وفاقي حڪومت 3 رڪني جڊيشل ڪميٽي جوڙي آهي، سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ قائم ڪميشن ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس شامل آهن. ڪميشن جڊيشري جي حوالي سان ليڪ ٿيندڙ آڊيوز تي جاچ ڪندي ۽ پنهنجي رپورٽ 30 ڏينهن ۾ وفاقي حڪومت کي پيش ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button