پاڪستانسنڌ

ملڪ ۾ ڪڏهن ۾ انصاف ڀري آدمشماري نه ٿي آهي: رياض چانڊيو

نوابشاهه: جيئي سنڌ محاذ (جسم) جي چيئرمين رياض چانڊيو سنڌ جي دوري دوران نوابشاهه پهچي جسقم جي سينئر اڳواڻ سرفراز ميمڻ جي امڙ جي لاڏاڻي تي سندس رهائشگاهه تي پهچي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي جسم چيئرمين رياض چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ جعلي آدمشماري، مهانگائي، غربت قومي جبر، ڌاڙيل ڪلچر، بدامني، قتلام ۽ ٻوڏ متاثرن جي مالي ساهتا نه ٿيڻ خلاف 28 مئي تي سڄي سنڌ ۾ پرامن شٽربند هڙتال جو سڏ ڏنو آهي، پاڪستان ۾ ڪڏهن به انصاف ڀري آدمشماري نه ٿي آهي، آدمشماري جي آڙ ۾ هميشه سنڌي قوم کي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ دشمن پارٽيون جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم مالڪن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڌارين جي وڌيڪ ڳڻپ ڏيکاري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري رهيا آهن، اهڙي ڊجيٽل آدمشماري کي مڪمل طور رد ڪريون ٿا. هن چيو ته 40 لک افغاني صرف ڪراچي ۾ ڳڻيا ويا آهن، اهي اڳ ئي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر بڻيل آهن، ڪراچي پوليس جي نوڪري کان وٺي سڀني کاتن ۽ ڪارخانن تي انهن جو قبضو آهي، افغانستان هينئر ايشيا ۾ سستو ۽ پرامن ملڪ آهي، سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هنن کي پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي. ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ غلام مصطفيٰ عمراڻي، جسقم اڳواڻ سرفراز ميمڻ، علي رضا خاصخيلي، حنان عباسي ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button