پاڪستانسنڌ

ڪنڌڪوٽ واسي ٻارڙو بازياب نه ٿيو، مختلف شهرن ۾ مظاهرا

حيدرآباد: ڪنڌڪوٽ واسي معصوم ٻارڙو ثمرت ڪمار بازياب نه ٿي سگهيو، جنهن خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا. ان سلسلي ۾ ڪنڌڪوٽ ۾ ثمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ جماعت اسلامي پاران معصوم ٻارن گھنٽا گھر چوڪ کان حافظ نصر اللّٰه، چنا، غلام مصطفيٰ ميراڻي، شبير ميراڻي، عبيداللّٰه ميرالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو. ٻئٔي پاسي ھندو پنچائت جي سڏ تي گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي ڪيمپ لڳائي وئٔي، جنهن ۾ نندلال، چوڌري ديوان لال، دليپ ڪمار ٺاڪر، مغوي معصوم نينگر جي پيءُ اجيت ڪمار، انجنيئر موٽواڻي، سنتوش اگروال، اشوڪ ڪمار، جئرام سچديو، بشير ميراڻي، مير شيراز خان ڊومڪي، ظريت بجاراڻي، سجاد بروھي، شاھنواز مرھیٽو، ڪامريڊ عباس باجڪاڻي، سلطان نندواڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين شھرين بينر کڻي احتجاج ڪيو. اڳواڻن چيو ته ضلعي ۾ امن مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي، جنهن ڪري گھرن ۾ به خوف ۾ رھون ٿا، ثمرت ڪمار جي امڙ صدمي ۾ روز مري روز جيئي پئٔي، خدا جي واسطي ٻارڙي کي آزاد ڪيو وڃي. ٻئي طرف سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي نوٽيس وٺڻ بعد ايس ايس پي عرفان سمون معصوم نينگر ثمرت ڪمار جي گھر پھچي وارثن سان تفصيل ورتا. جڏهن ته حيدرآباد ۾ سڄاڳ ٻار تحريڪ جي صدر فاضل سمون، سارنگ، عبدالحميد جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. ڏهرڪي ۾ سماجي اڳواڻن ۽ هندو برادري جي ماڻهن مکي انيل ڪمار، ڊاڪٽر شيوڪ رام، مکي راجڪمار تلريجا جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. جڏهن ته ڪڙيوگهنور ۾ حسام نظاماڻي ۽ گيانچند مهيشوري، ٽنڊوباگو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن گل حسن چانڊيو، ابراھيم بليدي ۽ نصيرآباد ۾ ھندو نوجوان اتحاد جي صدر وڪي ڪمار ۽ نانگديو جي اڳواڻي ۾ مظاهرا ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button