اسلام آبادپاڪستان

فردوس اعواڻ،سيف الله نيازي،ابرار الحق ۽ جمال اڪبر انصاري پي ٽي آ ڇڏي ويا

اسلام آباد/لاهور:تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس عاشق اعواڻ، تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي ۽ پي ٽي آءِ جي چيف اليڪشن ڪمشنر جمال اڪبر انصاري به پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته شرپسندن جي ڪارروائين سبب پي ٽي آءِ ڇڏي رهي آهيان. هن چيو ته عمران خان جي ايجنڊا پاڪستان لاءِ زهر بڻجي وئي آهي، عمران ۽ پاڪستان گڏ نٿا هلي سگهن. هو ماڻهن کي ٽيشو پيپر جيان استعمال ڪندو آهي ۽ پوءِ ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي. هو سڀ کان اڳ پنهنجي محسنن جو ئي دشمن بڻجي ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته 9 مئي واقعن جي آزاداڻي جاچ ڪري ذميوارن کي سزا ڏني وڃي. هوڏانهن تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي سياست ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ پي ٽي آءِ جي چيف اليڪشن ڪمشنر جمال اڪبر انصاري به سياست ڇڏي ڏني. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ عمران خان جي ويجهي ساٿي چيو آهي ته تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪريان ٿو ۽ هاڻي پنهنجي صحت تي ڌيان ڏيندس. هن 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪندي چيو ته اسلام به سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نٿو ڏئي. ٻئي طرف ناليواري گلوڪار ۽ موسيقار ابرارالحق سياست کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته شايد ئي ڪو اهڙو هجي جنهن 9 مئي جي واقعي جي مذمت نه ڪئي هجي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ابرارالحق چيو ته 9 مئي جي واقعي جي هر ڪنهن مذمت ڪئي آهي، سڀني کي ان تي ڏک پهتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button