پاڪستانسنڌ

هالا مان اغوا ٿيل شهدادپور جي نوجوان جي وارثن جو ڌرڻو

شھدادپور: شھدادپور ۾ 3 ڏينهن اڳ حيدرآباد کان موٽندي هالا ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل شھدادپور واسي نوجوان احسن لاشاري جي بازيابي لا وارث عورتن، ٻارن ۽ شھرين علي چوڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مغوي نوجوان جي پي راجا لاشاري، چاچي سهيل لاشاري، طفيل لاشاري، رشيد لاشاري، اقبال چوهاڻ ۽ ٻين ٻڌايو ته 3 ڏينهن اڳ مان پنھنجي دوست ابراهيم آرائين ۽ پٽ احسن لاشاري سان گڏ حيدرآباد کان شهدادپور ڪار ۾ اچي رهيو هئس ته ھالا لڳ شھدادپور روڊ تي اوچتو هٿياربندن سامھون اچي اسان کي روڪي ورتو ۽ يرغمال بڻائي روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري مارڪٽ ڪري اسان کي فصل ۾ اڇلائي ڇڏيو، جنهن بعد هٿياربند منهنجي پٽ احسن لاشاري کي اغوا ڪري ڪار سميت کڻي ويا، هالا پوليس ڪيس داخل ڪرڻ باوجود ڪابه ڪاروائي ناہي ڪئي، جديد دور ۾ به پوليس ڪٿي ناڪابندي نه ڪئي، نه وري پٽ جو پتو لڳائي سگهي آهي. اسان جي گهر ۾ 3 ڏينهن کان چلهه ناهي ٻري،رڳو روڄ راڙو آھي. ھنن اعلى عملدارن کان گهر ڪئي ته مغوي پٽ احسن لاشاري کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button