پاڪستانسنڌ

ڍورونارو ويجهو نوجوان ڇور واهه ۾ ڪري ٻڏي فوت

ڍورونارو: ڍورونارو ويجھو ڳوٺ ٽيون مل موري وٽ پير ترڪڻ سبب ڇور واهھ ۾ ڪري نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو. 18 سالن جو نوجوان شھزاد ملاح پير ترڪڻ ڪري ڇور واھه ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏي فوت ٿي ويو، پاڙيوارن نوجوان کي ٻاهر ڪڍي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ وارثن ٻڌايو ته نوجوان جو ذهني توازن درست نه هو، پير ترڪڻ سبب ڇور واھه ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button