پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد ۾ ڪار ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي، نوجوان فوت

ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد ۾ سرڪاري اسپتال سامھون روڊ حادثي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو. ٽنڊو جان محمد ۾ جھڏي کان ڊگھڙي طرف ويندڙ تيز رفتار مھراڻ ڪار اسپتال اڳيان روڊ ڀرسان لڳل بجلي جي ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي، ڪار ۾ سوار 2 عورتون ۽ ڊرائيور خادم ابڙنگ معمولي زخمي ٿي پيا، جڏھن ته نوجوان سرفراز عرف گولو شيدي ڪار ٽڪرائجڻ سبب گاڏي ۾ ڦاسي پيو، جنهن کي ماڻھن اڌ ڪلاڪ جي ڪوشش بعد در ڀڃي ٻاھر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽر نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، فوتي جي سڃاڻپ سرفراز عرف گولو شيدي پٽ الھورايو عرف ورو شيدي طور ٿي، فوتي ڊگھڙي شھر جو رھائشي ٻڌايو پيو وڃي، اطلاع تي فوتي جي والد ورو شيدي پھچي پٽ جو لاش وصول ڪيو ۽ ڊگھڙي کڻائي ويو. جڏھن ته زخمي ڊرائيور خادم ابڙنگ کي تعلقي اسپتال ڊگھڙي ريفر ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button