پاڪستانسنڌ

ڪنري ويجهو نوجوان جو لاش مليو، قتل جي شڪ ۾ هڪ ڄڻو گرفتار

ڪنري: ڪنري ويجهو نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش ھٿ آيو، وارثن قتل جو شڪ ظاهر ڪري ڇڏيو. پوليس هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو. ڪنري ويجهو خليل آباد جي ڳوٺ راڻو ڪپري ۾ 37 ورھين جي نوجوان حيات پٽ عبدالمجيد ڪپري جو انب جي وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش لهرائي تعلقا اسپتال آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. اسپتال ۾ موجو نوجوان جي وارثن عبدالستار ۽ ٻين چيو ته اسان جي نوجوان کي چاچن ۽ سئوٽن زمين جي تڪرار تان قتل ڪيو آهي، حيات جي اکين جي نظر ڪمزور هئي، اهو ڪيئن وڻ تي چڙهي خودڪشي ڪري سگهي ٿو. سئوٽ مھراڻ وارن حيات کي قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي. هنن گهر ڪئي ته واقعي جي جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي پوليس ڪاروائي ڪندي ھڪ ڄڻي مھراڻ ڪپري کي گرفتار ڪري ورتو. واقعي جو ڪيس داخل نھ ٿي سگھيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button