پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ پ پ ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن ۾ جهيڙو،6 زخمي

سانگھڙ: سانگهڙ ميونسپل ڪميٽي جي مخصوص کدڙي فقير علي محمد جي سيٽ تي نامزدگي فارم جي اسڪروٽني دوران پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي جي ڪارڪنن ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ فائرنگ ڪئي وئي ۽ آفيس جنگ جو ميدان بڻجي وئي. جهيڙي دوران سروٽا، لٺيون، مڪون ۽ لتون توڙي گوليون لڳڻ سبب جي ڊي اي پاران آيل وڪيل ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سانگهڙ جو جنرل سيڪريٽري حسنين نظاماڻي، سندس ننڍو ڀا حسين نظاماڻي ۽ عرفان جوڻيجو، پ پ جو ڪارڪن ڪائونسلر سھيل قريشي، اويس قريشي ۽ عبدالستار يوسفزئي زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي وڏي انگ ۾ پوليس پھچي ڪنٽرول ڪيو. پ پ اڳواڻ عبدالجبار يوسفزئي جي فرياد تي پوليس سانگهڙ ٿاڻي تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سانگهڙ جي جنرل سيڪريٽري حسنين نظاماڻي، ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ جي چونڊيل ڪائونسلر الله بخش خاصخيلي، عامر نظاماڻي، حسين نظاماڻي، عارف نظاماڻي ۽ ٻن نامعلوم ماڻهن تي دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ ٿيل جهيڙي جو ڪيس داخل ڪيو آهي، گرفتارين لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ فائرنگ ۾ استعمال ٿيل پسٽل ھٿ ڪري جاچ ڪئي پئي وڃي. ان حوالي سان اڳوڻي ايم پي اي سعيد خان نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ حڪمران جماعت پ پ جي زور تي کدڙي فقير جي فارم جي اسڪروٽني دوران اسان جي ڪارڪنن تي حملو ڪيو ويو، پوليس اسان جو ڪيس داخل نٿي ڪري، باقي پ پ وارن جي چوڻ تي ايف آئي آر داخل ڪئي آهي، جيڪو ظلم آهي، جنهن خلاف اسان عدالت ۾ وينداسين. ٻئي پاسي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سانگهڙ جي صدر سنيل ڪمار ۽ وقار جٽ چيو ته بار جي جنرل سيڪريٽري تي ايف آئي آر داخل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. معلوم ٿيو آهي ته 2 ڏينهن اڳ جي ڊي اي پاران مخصوص سيٽ تي بيهاريل کدڙي فقير جو فارم بحال ٿي ويو هو. پر جي ڊي اي طرفان پ پ طرفان بيهاريل کدڙي فقير تي جي نامزدگي تي اعتراض ڪيو ويو ته فقير علي محمد جو نادرا ۾ رڪارڊ ئي ناهي، جنهن تان جيالن ۽ جي ڊي اي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button