
ورلڊ ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ امڪان آهي تھ آئي سي سي ۽ پي سي بي ۾ سڀاڻي ڳالهيون ٿينديون. ميڊيا مطابق آئي سي سي جو چيئرمين گريگ بارڪلي ۽ سي اي او جيف ايلر ڊائيس پاڪستان جي ٻن ڏينهن واري دوري تي سڀاڻي لاهور پهچي ويندا، جنهن دوران گريگ بارڪلي ۽ جيف ايلر ڊائيس پي سي بي مينيجمينٽ جي عهديدارن سان ملاقاتون رٿي ڇڏيون آهن، جن ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽ سميت ورلڊ ڪپ جي ايونٽ تي پڻ ويچارڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ پاڪستان ۾ 15 سالن بعد بارڪلي پهرئين آئي سي سي چيئرمين طور ايندو، جنهن ۾ ملاقاتن دوران اهم مشاورت جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. هوڏانهن 2004ع بعد پهريون ڀيرو پاڪسان ايندڙ آئي سي سي جي ٻن ٽاپ آفيشلز جو دوري اهم قرار ڏنو ويو آهي.