اسلام آبادپاڪستان

ُڀٽو ايٽمي پروگرام شروع ڪيو،نوازشريف ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته يوم تڪبير رڳو هڪ ڏينهن نه پر اسان جي قوم جي گهٽ ۾ گهٽ دفاعي صلاحيت برقرار رکڻ طرف شاندار سفر جي ڪهاڻي آهي. ان عظيم ڪاميابي جي حاصلات قومي طاقت جي سمورن مرڪزن وچ ۾ اتفاق راءِ سان ممڪن ٿي آهي. ان ڏينهن پاڪستان پنهنجي دفاع لاءِ هڪ ريڊ لائين مقرر ڪئي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اصول طئي ڪيا. ڪالهه يوم تڪبير جي مناسبت سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته يوم تڪبير جي سلور جوبلي تي مان سياسي ۽ هٿياربند قيادت، سائنسدانن، انجنيئرن ۽ سمورن ماڻهن کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جيڪي اسان جي ايٽمي پروگرام سان واڳيل رهيا. انهن جي محنت، عزم ۽ ولولي پاڪستان جي عوام کي پنهنجي آزادي جي ڪنهن به خطري کان حفاظت کي ممڪن بڻايو. وزيراعظم چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي شروعات ڪئي ۽ منهنجي قائد نواز شريف سمورن دٻائن ۽ لالچن کان انڪار ڪندي ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻايو. ان سان گڏوگڏ اسان جي هٿياربند فوج اسان جي دشمنن جي مڪروه عزمن خلاف ان پروگرام جي سرپرست ۽ حفاظت جي ذميواري نڀائي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button