اسلام آبادپاڪستان

28 مئي قومي مفاد تي سودو نه ڪرڻ جو ڏينهن آهي:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اونگزيب چيو آهي ته يوم تڪبير اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي حب الوطني، بهادري، بصيرت ۽ قومي مفاد تي سمجهوتو نه ڪرڻ جو ڏينهن آهي. 28 مئي يوم تڪبير جي موقعي تي پنهنجي هڪ ٽوئٽ ۾ هن چيو ته يوم تڪبير پاڪستان کي پاڪستان جي دفاعي نظام کي مضبوط بڻائڻ جو اعلان آهي. مريم اونگزيب چيو ته ڪامياب ائٽمي ڌماڪن جي ٽيم ۽ سائنسدانن کي مبارڪ پيش ڪيون ٿا، جن وطن خاطر قربانيون ڏنيون ۽ ايندڙ نسلن لاءِ پاڪستان جي دفاع کي مضبوط بڻايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button