اسلام آبادپاڪستان

ايٽمي صلاحيت ماڻڻ جو فيصلو دانشمنداڻو هو:عارف علوي

اسلام آباد :صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي يوم تڪبير جي موقعي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اسان کي پنهنجي سياسي ۽ عسڪري قيادت کي ساراهڻ گهرجي، جن ملڪ جي دفاع کي اڻ مٽ بڻائيندي ايٽمي صلاحيت جي حاصلات لاءِ ان وقت هڪ دانشمنداڻو فيصلو ڪيو، طاقت جي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ ايٽمي ڌماڪا اڻٽر هئا. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت چيو ته ايٽمي صلاحيت جي حاصلات واقعي هڪ ذڪر جوڳو ڪارنامو هو ۽ ان لاءِ اسان جي سائنسدانن، انجنيئرن، ۽ ان وقت جي سياسي ۽ عسڪري قيادت قابل تحسين آهي. صدر چيو ته مون کي اميد آهي ته اسان پنهنجي اجتماعي ڪوششن سان پاڪستان جي دفاع کي اڻ مٽ بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button