اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ 6 ڏهائي 3 شدت جو زلزلو

اسلام آباد:اسلام آباد سميت خيبر پختونخوا ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ 6 ڏهائي 3 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. زلزلي جي پيمائش واري قومي اداري موجب اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، بونير، مالاڪنڊ، چترال، سوات، مردان، مري، شاهه ڪوٽ، شڪر ڳڙهه، ظفر ووال،گلگت مظفرآباد، ميرپور، ڪشمير، ايبٽ آباد ۽ هري سميت ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 6 ڏهائي 3 ريڪاڊ ڪئي وئي. جڏهن ته ان جي گهرائي 223 ڪلو ميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز افغانستان ۽ تاجڪستان جو سرحدي علائقو هو. زلزلي جا کان پوءِ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button