رانديون

ڌوني جي چنائي سپر ڪنگز 5 ڀيرو آئي پي ايل ٽرافي کٽي ورتي

ڀارتي ليگ آئي پي ايل جي ٽرافي پنجون ڀيرو ايم ايس ڌوني جي ٽيم چنائي سپر ڪنگ کٽي چيمپيئن بڻجي وئي آهي. ميڊيا مطابق گجرات ٽائيٽنز 4 وڪيٽن تي 214 رنسون ڪيون، جنهن بعد برسات پئجي وئي، تنهنڪري ميچ کي محدود ڪري چنائي سپر ڪنگ کي 171 رنسن جو هدف ڏنو ويو، جيڪو چنائي سپر ڪنگ اهو هدف 5 وڪيٽن تي پورو ڪري نئين چيمپيئن بڻجي وئي آهي. هوڏانهن ٽرافي کٽيندڙ ڌوني جي ٽيم کي انعام ۾ 20 ڪروڙ ڀارتي رپيا ڏنا ويندا، جڏهن تھ رنر اپ ٽيم گجرات ٽائيٽنز کي ساڍا 12 ڪروڙ ڀارتي رپيا ڏنا ويندا. ٽين پوزيشن واري ٽيم کي 7 ڪروڙ ۽ چوٿين نمبر کي ساڍا 6 ڪروڙ ملندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button