رانديون

نيشنل گيمز 24هون ڀيرو بھ آرمي پنهنجي نالي ڪري ورتي

نيشنل گيمز جو ٽائيٽل پاڪستان آرمي 24 ڀيرو پڻ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق ڪوئٽا ۾ ٿيندڙ ايونٽ دوران پاڪستان آرمي جي رانديگرن 398 ميڊلز کٽي پهرين پوزيشن حاصل ڪئي آهي، جن ۾ 199 گولڊ ميڊلز پڻ شامل آهن. جڏهن تھ واپڊا 290 ميڊلز مان 109 گولڊ، 101 سلور ۽ 80 برائونز ميڊل کٽي ٻي پوزيشن ماڻي آهي. اهڙي ريت نيوي جي رانديگرن ڪل 137 ميڊلز کٽي ٽيون نمبر پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. سنڌ جي رانديگر 4 گولڊ، 16 سلور ۽ 23 برائونز ميڊلز کٽيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button