رانديون

تيونس جي انس جابر فرينچ اوپن جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي

تيونس جي عالمي شهرت ماڻيندڙ ٽينس رانديگرياڻي انس جابر چوٿين ميچ بھ کٽي فرينچ اوپن جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق فرينچ اوپن ٽينس جي ويمنز سنگلز مقابلن ۾ انس جابر آمريڪا جي برنارڊا پيرا کي شڪست ڏني آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ انس جابر 6، 3 ۽ 6، 1 جي پوائينٽس تان آمريڪي رانديگرياڻي برنارڊا کي هارائي ڪاميابي ماڻي آهي ۽ ڪوارٽر فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. انس جابر جو چوڻ آهي تھ هي فتح آسان نھ هئي، ڪاميابي تي خوش آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button