رانديون

اسٽوڪس بالنگ، ڪيپنگ ۽ بيٽنگ بنا منفرد رڪارڊ ٺاهي ورتو

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس ٽيسٽ ميچ ۾ بالنگ، ڪيپنگ ۽ بيٽنگ بنا منفرد رڪارڊ ٺاهي ورتو آهي. ميڊيا رپورٽس موجب آئرلينڊ پهرين اننگز ۾ 172 رنسون ڪيون، جنهن تي انگلينڊ اولي پوپ جي ڊبل سينچري ۽ بين ڊڪيٽ جي 186 رنسن جي عيوض 4 وڪيٽن تي 524 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ آئرلينڊ ٻي اننگز ۾ 362 رنسن سان مزاحمت ڪئي، پر اها انگلينڊ کي رڳو 11 رنسن جو هدف ڏئي سگهي، جيڪو انگلينڊ بنا وڪيٽ وڃائڻ جي ماڻي ورتو، جنهن سان انگلينڊ جي ڪپتان ٻنهي اننگز ۾ ڪجهه بھ ڪرڻ بنا ئي ميچ کٽي انوکو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ هي پهريون ڀيرو آهي جو ڪو ڪپتان ٽيسٽ ۾ بالنگ، بيٽنگ ۽ ڪيپنگ ڪرڻ بنا کٽيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button