رانديون

ٽي 20 ورلڊ ڪپ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز مان منتقل ٿيڻ جو امڪان

ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو ايونٽ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز مان ٻئي ملڪ منتقل ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو آهي. ميڊيا مطابق آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ معياري ڪرڪيٽ انفرا اسٽرڪچر نھ هجڻ سبب آئي سي سي ايونٽ جي منتقلي ٻئي ملڪ ۾ رٿي ورتي آهي. هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ٽي 20 ورلڊ ڪپ 2024ع جي ميزباني آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز کي ملڻ باوجود اتي اڃا تائين معياري سهوليتون فراهم نھ ٿيون آهن، ٻنهي ملڪن ۾ معياري اسٽيڊيمز بھ تيار ٿيڻ مشڪل آهن، تنهنڪري آئي سي سي پاران انگلينڊ کي ميزباني ملي سگهي ٿي، جنهن بابت ايندڙ ڏينهن ۾ اعلان متوقع آهي. هوڏانهن يو ايس اي ڪرڪيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر اتل رائي جو چوڻ آهي تھ آمريڪا ۾ آئي سي سي جي معيار واري سهولت ناهي، نٿو لڳي تھ هي ميزباني ڪري سگهندا، تنهنڪري آئي سي سي جي دارومدار آهي تھ اها اسٽيڊيم معياري بڻائڻ تي سيڙپڪاري ڪري ٿي يا ايونٽ جي ميزباني منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button